سکر (ن س )حيدرآباد ۾ سکر بئراج جا 2 دروازا ڪرڻ بعد هارين جي رهنمائي لاءِ واٽر ايمرجنسي سيل قائم ڪيو ويو آهي.زراعت کاتي موجب سکر بئراج مان واهن کي پاڻي ڏيڻ بند ٿيڻ سبب چانور، ڪمند ۽ ڪپهه جي فصل کي نقصان پهچڻ جو خدشو آهي.زراعت کاتي ٻڌايو آهي ته سنڌ جي 70 سيڪڙو زرعي زمين سکر بئراج مان سيراب ٿئي ٿي، ان ڪري هارين جي رهنمائي لاءِ سنڌ جي 6 ڊويزنن ۾ فوڪل پرسن مقرر ڪيا ويا آهن.زراعت کاتي موجب واٽر ايمرجنسي سيل ۾ صوبائي، ڊويزنل، ضلعي ۽ لاڳاپيل سطحن تي 32 فوڪل پرسنز مقرر ڪيا ويا آهن.ٻئي طرف آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو سکر بئراج جي 2 دروازن کي نقصان پهچڻ واري معاملي تي 5 رڪني جاچ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.ڪميٽي هڪ مهيني اندر آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو ۽ سيڪريٽري آبپاشي کي رپورٽ پيش ڪندي.سنڌ جي آبپاشي کاتي ڪميٽي کي هدايت ڪئي آهي ته هو واقعي جا سبب معلوم ڪري ذميوار آفيسرن جو تعين ڪري.










