ايم پي اي قتل ڪيس، جوابدارن تي فرد جرم لاڳو

ايم پي اي قتل ڪيس، جوابدارن تي فرد جرم لاڳو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)راولپنڊي جي ضلعي عدالت اڳوڻي ايم پي اي چوڌري عدنان قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو.راولپنڊي جي ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ۾ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج راجا فيصل رشيد اڳوڻي ايم پي اي چوڌري عدنان قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران جوابدار ايم اين اي دانيال چوڌري، اسامہ چوڌري ۽ چنگيز خان پيش ٿيا.جوابدار جنيد حسين کي اڊيالا جيل مان مقامي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.عدالت ايم اين اي دانيال چوڌري، اسامہ چوڌري، چنگيز خان ۽ محمد ظهور تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو.بعد ۾ عدالت جوابدارن جي وڪيل جي پيش نه ٿيڻ سبب ڪيس جي ٻڌڻي 17 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو