اڳوڻي اسپيڪر جي غير قانوني ڀرتين جو نوٽيس

اڳوڻي اسپيڪر جي غير قانوني ڀرتين جو نوٽيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر جي غير قانوني ڀرتين جو نوٽيس ورتو. ذريعن موجب راجا پرويز اشرف قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ ماضي ۾ ٿيل ڀرتين بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اسپيڪر قومي اسيمبلي تفصيل طلب ڪري ورتي آهي ته ڪهڙي شعبي ۾ ماڻهو ڀرتي ڪيا ويا ۽ ڪير ڊيپوٽيشن تي آيا. ذريعن جو چوڻ آهي ته راجا پرويز اشرف به تفصيل طلب ڪري ورتا آهن ته ڪنهن کي غيرقانوني ترقي ڏني وئي. ذريعن موجب قومي اسيمبلي جو اسپيڪر راجا پرويز اشرف انڪوائري کانپوءِ غير قانوني ڀرتين خلاف ڪارروائي ڪندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف به معاملي جي جامع جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو