آڪلينڊ(ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ جو اڳوڻو ڪپتان ڪيم وليمسن ڀارت جي دوري کان اڳ انجري جو شڪار ٿي ويو.نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ آفيسرن موجب ڪين وليمسن جي گرائونڊ انجري ۾ مبتلا ٿي ويو آهي، هو سريلنڪا خلاف ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ گرين انجری جو شڪار ٿيو هو.نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ جو چوڻ آهي ته وليمسن جي ڀارت روانگي ۾ دير ڪئي وئي آهي ۽ سندس جاءِ تي مارڪ چيپمين کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪين وليمسن ريهب مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ڀارت ۾ اسڪواڊ ۾ شامل ٿيندو.نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ موجب ڪين وليمسن ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي آخري حصي ۾ ئي کيڏندو، وليمسن جو سيريز جي شروعات ۾ موجود نه هجڻ افسوسناڪ آهي.ياد رهي ته نيوزيلينڊ ۽ ڀارت وچ ۾ پهرين ٽيسٽ 16 آڪٽوبر کان بنگلور ۾ شروع ٿيندي.










