اڏيرو لال، مسافر ڪوچ ڪلٽي، 4 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي

اڏيرو لال، مسافر ڪوچ ڪلٽي، 4 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي

اڏيرو لال (ن س) اوڏيرو لال ڀرسان قومي شاهراهه تي مسافر ڪوچ ڪلٽي، 4 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي ٿي پيا. اوڏيرو لال ڀرسان کيبر قومي شاهراهه تي ڪراچي کان پنجاب ويندڙ مسافر ڪوچ ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترائي مسافر زخمي ٿي پيا.
ريسڪيو ٽيم ۽ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي فوري طور سول اسپتال منتقل ڪيو ، جتي زخمين کي طبي امداد فراهم ڏني وئي. ايس ايڇ او شاهه زمان چانڊيو موجب مسافر ڪوچ ڪراچي کان رحيم يار خان وڃي رهي هئي ته اوچتو ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪرڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي. ڪوچ ۾ سوار سمورا مسافر عيد جون موڪلون ملهائڻ لاءِ پنهنجن اباڻي علائقن ڏانهن وڃي رهيا هئا۔
فوت ۽ زخمي ٿيندڙ مسافرن جو تعلق رحيم يار خان، مظفر ڳڙهه، احمد پور شرقيه، خانپور، جلال پور ۽ علي پور سان ٻڌايو پيو وڃي. جڏهن ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو