اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته اڊيالا جيل جي ٻاهران ماڻهن کي ويهڻ کان روڪڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، گرفتاريون ۽ ڪيس پڻ داخل ڪيا ويندا.اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ تارڙ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته جيل کان ٻاهر تماشو نه ٿيڻ ڏنو ويندو، پي ٽي آءِ سياسي پارٽي طور موجود ناهي، پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائڻ ۽ ان کي پابندي مڙهيل پارٽي قرار ڏيڻ تي قانوني صلاح مشورا ڪيا ويندا، عطاءُ تارڙ چيو ته اهي ماڻهو سياستدان نه آهن، اهي دهشتگرد آهن، گورنر راڄ جو آپشن موجود آهي، جيڪڏهن سهيل آفريدي امن امان بحال نه ڪيو ته اهو آپشن موجود آهي، پي ٽي آءِ ڳالهين جي ٽرين کي مس ڪري ڇڏيو آهي، سول ۽ فوجي قيادت فيصلو ڪيو آهي، هاڻي ان کي ائين جاري رهڻ نه ڏنو ويندو.وفاقي وزير چيو ته سوشل ميڊيا خلاف گهيرو سخت ڪيو ويندو، جيڪو به پنهنجو رويو نه بدلائيندو ان سان سختي سان پيش ايندو، پي ٽي آءِ جو باني هندستان ۽ افغانستان لاءِ جاءِ پيدا ڪرڻ چاهي ٿو.










