ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اڄ کان 4 اپريل تائين ملڪ جي اڪثر حصن ۾ هوائن ۽ گجگوڙ سان گڏ مينهن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.موسميات کاتي موجب، اڄ رات کان 3 اپريل تائين ڪراچي ۾ به مينهن جو امڪان آهي ۽ ڪجهه علائقن ۾ 50 ملي ميٽر يا ان کان وڌيڪ مينهن پئجي سگهي ٿو.ٻئي طرف، لاهور ۾ ڪڪر کُليا ۽ نشتر ٽائون ۾ سڀ کان وڌيڪ 50 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي.ان کان علاوه، گلبرگ، جيل روڊ، گجومتا ۽ راءِ ونڊ سميت مختلف علائقن ۾ ڳڙا پڻ پيا، جڏهن ته تيز برسات، هوائن ۽ ڳڙن سبب موسم خوشگوار ٿي وئي، پر بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو.ليسڪو ريجن ۾ 170 کان وڌيڪ فيڊر ٽرپ ٿي ويا، ڪوٽ راڌا ڪشن ۾ ڀت ڪرڻ سبب 2 ٻار فوت ۽ 5 زخمي ٿي پيا.ان دوران، بلوچستان جي زيارت، دکي، هرنائي، قلعه سيف الله ۽ لورالائي ضلعن سميت مختلف علائقن ۾ مينهن ۽ ڳڙن جي طوفان سبب دريائن ۽ واهن ۾ ٻوڏ اچي وئي.نيلم وادي ۾ لينڊ سلائيڊنگ سبب ڪيل سيري کان نيلم هاءِ وي بند ٿي ويو.










