اڄ انهن کي ووٽ ڏيون پيا جن منهنجي خلاف ڪيس ڪيا: گيلاني

اڄ انهن کي ووٽ ڏيون پيا جن منهنجي خلاف ڪيس ڪيا: گيلاني

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته جن مون تي ڪيس ٺاهيا، اڄ انهن کي ووٽ ڏئي رهيا آهيون.ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي يوسف رضا گيلاني چيو ته انگ اکر پورا ٿيڻ تي بل پاس ڪيو ويندو.هن چيو ته هي جيڪو بل پاس ڪيو پيو وڃي اهو ڪو مخصوص بل ناهي، جيڪڏهن ادارن جي سربراهن جي مدي بابت بل تي انگ اکر پورا ٿيا ته بل منظور ڪيو ويندو.يوسف رضا گيلاني جو چوڻ آهي ته اسان جي انگن اکرن بابت اندازا لڳايا پيا وڃن، گڏجي ڪم ڪرڻ ضروري آهي، اسان کي ملڪ جو سوچڻو آهي، ذاتي مفادن جو نه، پرڏيهي معاملو وفاقي حڪومت جو معاملو آهي.چيئرمين سينيٽ چيو ته سينيٽ ميمبرن جي گرفتاري بابت ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪيو آهي، اسان ان جي مذمت به ڪئي آهي.سندس چوڻ هو ته هو مولانا فضل الرحمان جي تمام گهڻي عزت ڪري ٿو، ساڻس تمام سٺا لاڳاپا آهن، هن اسان سان تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي، مان مولانا بابت تبصرو نه ڪندس.يوسف رضا گيلاني چيو ته اسان سپريم ڪورٽ جي ججن کي نظربنديءَ مان ڪڍيو، اسان فيصلو ڪيو ته ملڪ کي سياسي پارٽي نٿي هلائي سگهي، مان پاڪستان جي تاريخ ۾ واحد متفقه وزيراعظم بڻيو.اڳوڻي وزيراعظم جو وڌيڪ چوڻ آهي ته مسئلن جو حل جلد چونڊون نه آهن، ان سان صورتحال وڌيڪ پيچيده ٿيندي، سمورين سياسي قوتن کي گڏجي ملڪ لاءِ سوچڻ گهرجي.چيئرمين سينيٽ اهو به چيو ته ڪي پي ڪي جي وڏي وزير کي ڪير به سنجيده نه وٺندو، اسان گورنر راڄ جي حق ۾ ناهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو