اپوزيشن کي گڏ کڻي هلندس، حڪومت جي به مدد ڪبي،گيلاني

اپوزيشن کي گڏ کڻي هلندس، حڪومت جي به مدد ڪبي،گيلاني

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ اجلاس ۾ اپوزيشن ليڊر يوسف رضا گيلاني پنهنجي پهرين خطاب ۾ چيو آهي ته  سموري اپوزيشن کي پاڻ سان گڏ کڻي هلندس، حڪومت کي ڏکيائيون ٿيون ته اُن جو به آواز بڻجنداسين. گيلاني چيو ته اسان نوڪري پيشه نه آهيون، عوامي مفادن لاءِ هتي آيا آهيون ۽ عوام جي ترجماني ڪرڻ اسان جو فرض آهي، پي ڊي ايم اتحاد آئين جي حڪمراني ۽ عوامي حقن لاءِ ٺهيو هو، اسان اُن لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو