اٽڪ جيل ۾ سائفر ڪيس جي ٻڌڻي هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج

اٽڪ جيل ۾ سائفر ڪيس جي ٻڌڻي هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)تحريڪ انصاف جي چيئرمين اٽڪ جيل ۾ سڪيورٽي ڪيس جي ٻڌڻي جو معاملو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي.اڳوڻي وزيراعظم قانون واري وزارت جي عدالت کي اٽڪ جيل منتقل ڪرڻ واري نوٽيفڪيشن کي چيلينج ڪندي استدعا ڪئي آهي ته نوٽيفڪيشن غير قانوني آهي ان کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.اي ٽي سي جج جي آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ تحت داخل ڪيسن جي ٻڌڻي جي اختيار کي به چئلينج ڪيو ويو آهي.پي ٽي آءِ چيئرمين طرفان وڪيل شير افضل مروت جي ذريعي درخواست داخل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ سيڪريٽري قانون، سيڪريٽري گهرو، چيف ڪمشنر، آءِ جي اسلام آباد، ڊي جي ايف آءِ اي، سپرنٽينڊنٽ اڊيالا جيل ۽ سپرنٽينڊنٽ اٽڪ جيل کي ڌر بڻايو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو