اي اين ايف ڪارروايون، منشيات هٿ، 5 گرفتار

اي اين ايف ڪارروايون، منشيات هٿ، 5 گرفتار

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اي اين ايف) مختلف شهرن ۾ ڪاررواين دوران 40.876 ڪلوگرام منشيات هٿ ڪري ورتي آهي ۽ 5 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.اي اين ايف ترجمان موجب، اهي ڪارروايون حيدرآباد، اٽڪ، راولپنڊي ۽ پسني ۾ ڪيون ويون. ڪاررواين دوران 35 ڪلو 876 گرام چرس ۽ 5 ڪلو برف هٿ ڪئي وئي.اي اين ايف ترجمان چيو ته ڪاررواين خلاف نارڪوٽڪس ڪنٽرول ايڪٽ 1997 تحت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو