ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اي اين ايف) مختلف شهرن ۾ 8 ڪاررواين دوران 164.38 ڪلوگرام منشيات ضبط ڪئي آهي ۽ 8 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي.اي اين ايف جي ترجمان چيو آهي ته اهي ڪارروايون لاهور، شيخوپوره، ڪراچي، راولپنڊي ۽ گوادر ۾ ڪيون ويون.آفيسرن موجب، ڪاررواين ۾ 148 ڪلوگرام 103 گرام چرس، 13 ڪلوگرام 600 گرام برف هٿ ڪئي وئي، 300 گرام هيروئن کان علاوه، 2.380 ڪلوگرام وزن جون 4500 ايڪسٽيسي ٽيبليٽ پڻ هٿ ڪيون ويون.ترجمان چيو ته ڪاررواين خلاف نارڪوٽڪس ڪنٽرول ايڪٽ 1997 تحت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن جڏهن ته وڌيڪ جاچ جاري آهي.










