معاشي دهشتگردن جو فرار روڪڻ لاءِ اِي سي اَيل اپ ڊيٽ ٿئي پئي

معاشي دهشتگردن جو فرار روڪڻ لاءِ اِي سي اَيل اپ ڊيٽ ٿئي پئي

اسلام آباد (بيورو) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ (اي سي ايل) جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي پئي وڃي ته جيئن معاشي دهشتگردي ۾ ملوث قومي ڏوهاري فرار نه ٿي سگهن. خميس ڏينهن پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي گهرو وزير چيو ته عمران نيازي پنهنجي نااهلي، ڪرپشن ۽ ڦرلٽ تي عوام کان معافي گهري، پارليامينٽ کان ٻاهر آهي. وفاقي گهرو وزير چيو ته عمران نيازي سياست جي ميدان مان ڀڄي ويو آهي. هن چيو ته معاشي دهشتگرد قومي مجرم آهن، ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ (اي سي ايل) جوڙي پئي وڃي، جن معاشي دهشتگردي ڪئي آهي انهن کي ڀڄڻ نه ڏنو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو