اسٽاڪ مارڪيٽ جي اڏام جاري، 1900 پوائنٽن  جو اضافو

اسٽاڪ مارڪيٽ جي اڏام جاري، 1900 پوائنٽن جو اضافو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس ۾ ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن ڪاروبار شروع ٿيڻ کان پوءِ مثبت رفتار ڏسڻ ۾ آئي آهي ۽ هڪ موقعي تي 100 انڊيڪس 1257 پوائنٽس جي واڌ سان 1257 پوائنٽس تي واپار ڪندي ڏٺو ويو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس گذريل ڪاروباري هفتي دوران 100,000 جو تاريخي سنگ ميل عبور ڪيو، 100 انڊيڪس 16 مهينن ۾ 40000 کان 100000 جي حد پار ڪري ويو، جيڪا دنيا جي ڪنهن به اسٽاڪ ايڪسچينج جي بهترين پوزيشن آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو