ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هلندڙ هفتي ڪاروبار ۾ مثبت رجحان ڏٺو ويو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 3 هزار 559 پوائنٽن جي واڌ سان 1 لک 1 هزار 357 تي بند ٿيو.ڪاروباري هفتي دوران 100 انڊيڪس 7 هزار 315 پوائنٽس جي بينڊ ۾ رهيو.هفتي دوران انڊيڪس جي بلند ترين سطح 1 لک 1 هزار 496 ۽ هيٺين سطح 94 هزار 180 هئي.هڪ هفتي دوران اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ 4.89 ارب شيئرز جو واپار ٿيو.شيئر مارڪيٽ ۾ هفتيوار ٽران اوور 184 ارب رپيا رهيو.هن هڪ هفتي ۾ مارڪيٽ سرمائيداري 366 ارب رپيا وڌي 12 هزار 885 ارب رپيا ٿي وئي.










