اين ايف سي اجلاس، 6 کان 7 ورڪنگ گروپ ٺاهڻ جو فيصلو

اين ايف سي اجلاس، 6 کان 7 ورڪنگ گروپ ٺاهڻ جو فيصلو

اسلام آباد: (رپورٽ اياز مهر ) يارهين قومي مالياتي ڪميشن جي افتتاحي اجلاس ۾ مالياتي معاملن کي اڳيان وڌائڻ جي لاءِ ورڪنگ گروپ ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جي سربراهي ۾ يارهين قومي مالياتي ڪميشن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ سنڌ ۽ ڪي پي ڪي جي وڏن وزيرن کان سواءِ صوبائي ناڻي وارا وزير به شريڪ ٿيا جڏهن ته پنجاب ۽ بلوچستان جا ناڻي واري وزير ۽ پرائيويٽ ميمبر به اجلاس ۾ موجود هئا.اجلاس ۾ وفاقي ناڻي واري وزير طرفان پنهنجي مالي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي جڏهن ته اجلاس ۾ چئني صوبن به پنهنجي مالي پوزيشن تي بريفنگ ڏني. ناڻي واري وزير چئني صوبن جي وڏن وزيرن، صوبائي ناڻي وارن وزيرن، سيڪريٽريز ۽ ٻين ميمبرن جو اجلاس ۾ شرڪت تي ٿورو ادا ڪيو.محمد اورنگزيب چيو ته اڄوڪو اجلاس آئيني ذميواري ۽ گڏيل تعاون جو اهم موقعو آهي. فورم آئين پاڪستان جي آرٽيڪل 150 جي تحت قائم ڪيو ويو هو. انهي پسمنظر ۾ انهي اجلاس جي اهميت وڌيڪ وڌي وڃي ٿي. وفاقي حڪومت جو واضح ۽ پڪو ارادو هو ته يارهين اين ايف سي جو افتتاحي اجلاس بغير ڪنهن دير کان سواءِ گهرايو وڃي. وزيراعظم پاڻ انهي ڳالهه ۾ گهري دلچسپي ورتي. ته اهو اجلاس جلد کان جلد ٿئي صوبن به انهي آئيني ذميواري کي وقت ادا ڪرڻ جو ڀرپور ارادو ظاهر ڪيو.ناڻي واري وزير چيو ته پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ سنڌ ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سبب اهو اجلاس ملتوي ڪرڻو پيو. اين ايف سي جي حوالي سان افواهون، خدشن جو حل، مخلصاڻو ۽ شفاف مڪالمو آهي. اڄ اسان هتي کليل ذهن ۽ بنا ڪنهن تعصب جي موجود آهيون. اسان جي پهرين ترجيح هڪ ٻئي جي ڳالهه ٻڌڻ آهي. وفاقي حڪومت هتي صوبن جي موقف کي ٻڌڻ جي لاءِ موجود آهي. اميد آهي ته صوبا به هڪ ٻئي سان تعميري تعاون جي جذبي سان اڳيان وڌندا.هن وڌيڪ صوبن طرفان نيشنل فسڪل پيڪٽ تي صحيح انتهائي قدر جوڳي آهي. اهو اسان جي گڏيل عزم ۽ قومي مفاد ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت جو ثبوت آهي. صوبن جو لازمي سرپلسز کي حاصل ڪرڻ، آءِ ايم ايف پروگرام تي عملدرآمد يقيني بنائڻ تي تعاون قابل تعريف آهي.ناڻي واري وزير چيو ته هن سال ملڪ کي ڀارت طرفان غير معمولي خطرن ۽ ٻوڏ جهڙن چيلنجز کي منهن ڏيڻو پيو. اهڙين ڏکين حالتن ۾ اسان هڪ مضبوط وفاق جي صورت ۾ گڏ بيٺل رهيا آهيون اهو جذبو آهي جنهن کي اسان يارهين اين ايف سي ايوارڊ جي عمل ۾ به برقرار ڏسڻ چاهيون ٿا. ايندڙ هفتن ۽ مهينن ۾ اهو بامقصد ۽ تعميري مباحثو جاري رهندو. اميد آهي ته سمورا ميمبر بامعنيٰ ۽ جامع مڪالمي لاءِ ڀرپور ارادن سان اڳيان وڌندا. گڏيل اتحاد، تعاون ۽ گڏيل احترام جي جذبي سان معاملن کي اڳيان وڌائينداسين. يارهين اين ايف سي ايوارڊ جي معاملن کي ڪاميابي سان مڪمل ٿيڻ تائين پهچائڻ اسان جي منزل آهي.ٻئي طرف ذريعن جو چوڻ آهي ته قومي مالياتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ 6 کان 7 ورڪنگ گروپ ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جڏهن ته اڳوڻي فاٽا جي معاملي تي به ڌار ورڪنگ گروپ ٺاهيو ويندو. ذريعن موجب اين ايف سي جو ايندڙ اجلاس 8 يا 15 جنوري تي ٿيندو. اجلاس کان پوءِ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ٻڌايو ته فيصلو ٿيو آهي ته گروپس بڻجندا جيڪي مالياتي معاملن کي اڳيان وڌائيندا.هوڏانهن منصوبه بندي واري وزارت وسيلن جي ورهاست جي ٻن نون طريقيڪارن تي تجويزون وزيراعظم کي پيش ڪري ڇڏيون آهن. پهرين تجويز قابل تقسيم محاصل آهي. دهشتگردي جي خلاف جنگ، واٽر سيڪيورٽي، سول آرمڊ فورسز ۽ آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان جي گرانٽس جي لاءِ اڍائي سيڪڙو ڪٽوتي ڪئي آهي جنهن کان پوءِ ساڍا 57 سيڪڙو صوبن ۽ ساڍا 42 سيڪڙو وفاق کي ملندو.ٻئي تجويز موجب بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۽ هائر ايجوڪيشن ڪميشن جا خرچ قابل ورهاست محاصل کان پهريان ڪڍيا وڃن جنهن سان 2030 تائين وفاق جي وسيلن مان 11 کان 12 سيڪڙو اضافي جو امڪان آهي. صوبن جي وچ ۾ اين ايف سي جي ورهاست ۾ آبادي جو وزن گهٽ ڪري ريونيو جنريشن، زرخيزي ۽ فاريسٽ ڪور جهڙي عمل کي وڌائڻ جي تجويز به ڏني وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو