اينٽي ڪرپشن جو پرويز الاهي خلاف ٻيو ڪيس داخل ڪرڻ جو فيصلو

اينٽي ڪرپشن جو پرويز الاهي خلاف ٻيو ڪيس داخل ڪرڻ جو فيصلو

لاهور(ويب ڊيسڪ) اينٽي ڪرپشن کاتي پي ٽي آءِ جي صدر ۽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز الاهي خلاف هڪ ٻيو ڪيس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اينٽي ڪرپشن اختيارين موجب پرويز الاهي خلاف ماسٽر پلان 2050ع ۾ بي ضابطگين ۽ ڪرپشن جو ڪيس داخل ڪيو ويندو.اختيارين جو چوڻ آهي ته ماسٽر پلان ۾ قصور جي زمين غيرقانوني طور برائون ڪئي وئي، پي ٽي آءِ صدر خلاف اينٽي ڪرپشن لاهور ريجن اي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويندو.اينٽي ڪرپشن اختيارين موجب ڪوٽلا راءِ ابوبڪر جي زمين پرويز الاهي جي پٽ جي ملڪيت آهي.اختيارين جو چوڻ هو ته چيئرمين ايل ڊي اي مونس الاهي جي چوڻ تي زمين جي جعلي نقشي تي صحيح ڪئي، اسٽيج 5 تي ماسٽر پلان جي غيرقانوني منظوري پرڏيهي ڪمپني سان ملي.

پهنجو تبصرو موڪليو