ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)جماعت اسلامي ڪراچي جي امير منيم ظفر جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ بيان بازي شروع ٿي وئي آهي، اهي ٻئي پارٽيون وڪيٽ جي ٻنهي پاسن کان کيڏن ٿيون.تازي بجيٽ ۽ وڌندڙ مهانگائي تي جماعت اسلامي ڪراچي جي امير منيم ظفر پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته پيپلز پارٽي ڪابينا ۾ خاص مددگارن جو انگ به وڌايو آهي.سندس چوڻ آهي ته بجيٽ ۾ زرعي ٽيڪس نه لڳايو ويو، پنجاب ۽ سنڌ جي زميندارن تي ٽيڪس نه لڳايو ويو.بجيٽ ۾ ٽيڪس جو سمورو بار عوام تي لڳايو ويو آهي، بجلي ۽ گيس جا بل عوام تي بم وانگر وسي رهيا آهن.










