ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) متحده قومي موومينٽ(ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي اسيمبلي ميمبرن چيو آهي ته برساتن کان پوءِ حيدرآباد جا روڊ ۽ گهٽيون تباهه ٿي ويون آهن، پيپلز پارٽي جي انتظامن جون سموريون دعوائون ڪوڙيون نڪتيون آهن.ايم ڪيو ايم اڳواڻن سان گڏ صوبائي اسيمبلي ميمبر صابر قائمخاني پريس ڪانفرنس ڪندي حيدرآباد کي آفت سٽيل علائقو قرار ڏيڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته حيدرآباد ۾ برساتن کي منهن ڏيڻ جا ڪي به انتظام نظر نه پيا اچن. صابر قائمخاني چيو ته حيدرآباد ۾ برساتن سبب فصل، روڊ، گهٽيون سڀ تباهه ٿي ويا، 32 فيڊرز پنج ڏينهن کان بند آهن، ڪي به انتظام نظر نه پيا اچن. انتظاميه جي نا تجربيڪاري سان گڏ نااهلي به کلي سامهون اچي وئي آهي.ايم ڪيو ايم اڳواڻ ناصر قريشي چيو ته اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر سان ملي نالا صاف ڪرايا، شهر جي صورتحال ڪنهن کان به لڪيل نه آهي، وڏي وزير حيدرآباد جو دورو ڪرڻ به مناسب نه سمجهو ڄامشورو کان ئي واپس روانو ٿي ويو.متحده اڳواڻ راشد خان چيو ته ميئر ڊپٽي ڪمشنر آفيس جي روڊ تي ڏيڍ فٽ پاڻي بيٺل هو، اسان کي شهرين اقتدار ڏنو آهي، ناانصافي نه ڪريو.ايم ڪيو ايم اڳواڻن جي پريس ڪانفرنس تي رد عمل ڏيندي پنهنجي وڊيو بيان ۾ سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديه جاويد چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جا بهائي لوگو! عوام جي ياداشت ڪمزور نه آهي، حيدرآباد جڏهن برسات ۾ ٻڏي ويو هو اهو اوهان جو دور هو.هن چيو ته حيدرآباد ۾ جيڪڏهن ڪڏهن به برساتن ۾ ٻيڙيون هليون ته اهو 2006ع جو سال هو ۽ انهي وقت حيدرآباد جي ميئر سان گڏوگڏ صوبن ۽ وفاق ۾ به ايم ڪيو ايم جا ترجمان هئا. پنهنجي وڊيو بيان ۾ سعديه جاويد دعويٰ ڪئي ته ڪجهه هنڌن کان علاوه حيدرآباد شهر جا سمورا رستا کليل رهيا جڏهن ته گهٽيون ۽ پاڙا به صاف آهن.










