ايمان مزاري جي ضمانت واري درخواست، ٻڌڻي 28 آگسٽ تائين ملتوي

ايمان مزاري جي ضمانت واري درخواست، ٻڌڻي 28 آگسٽ تائين ملتوي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزاري جي ڌيءَ ايمان مزاري جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪئي وئي.اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڊيوٽي جج راجا جواد عباس ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.اي ٽي سي جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين جي موڪل سبب ٻڌڻي ڊيوٽي جج ڪئي.ڊيوٽي جج راجا جواد عباس ڪيس جي ٻڌڻي 28 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.عدالت 28 آگسٽ تي ايمان مزاري جي ضمانت واري درخواست تي دليلن لاءِ طلب ڪري ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو