ايمان جي ضمانت منظور، علي وزير جوڊيشل

ايمان جي ضمانت منظور، علي وزير جوڊيشل

اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي عدالت سرڪاري ڪم ۾ مداخلت ۽ سرڪاري ملڪيت کي نقصان پهچائڻ واري ڪيس ۾ ايمان مزاري جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي جڏهن ته علي وزير کي 14 ڏينهن جي جوڊيشل ريمانڊ تي اڊيالا جيل اماڻي ڇڏيو آهي.اسلام آباد جي جوڊيشل مئجسٽريٽ ايمان مزاي ۽ علي وزير جي خلاف ترنول ۾ داخل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ عدالت ايمان مزاري جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. پوليس علي وزير کي 2 ڏينهن جسماني ريمانڊ کان پوءِ عدالت ۾ پيش ڪيو جڏهن ته ٻڌڻي دوران پراسيڪيوٽر عاطف الرحمان علي وزير جي وڌيڪ جسماني ريمانڊ جي استدعا ڪئي.پراسيڪيوٽر چيو ته علي وزير پوليس سان جاچ جي معاملي ۾ تعاون نه ڪري رهيو آهي جلسي ۾ مختلف سرڪاري ملڪيتن جي ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي. وزير کان ڪجهه ثبوت به هٿ آيا آهن. ان دوران علي وزير جي وڪيل عطاءُالله ڪنڊي جسماني ريمانڊ جي مخالفت ڪندي چيو ته علي وزير جي خلاف داخل ڪيسن ۾ 3 ضمانت نه ٿيڻ جوڳا قلم شامل آهن، جڏهن ته ٻيا قلم ضمانت ٿيڻ جوڳا آهن. ريلي ۾ ڪير به شرڪت ڪري سگهي ٿو. علي وزير جو ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن سان ڪوبه واسطو نه آهي، پوليس آخر علي وزير کان ڇا پڇڻ چاهي ٿي؟ وڪيل صفائي قيصر امام چيو ته ايمان مزاري کان جاچ ۾ ڪجهه به هٿ نه ڪيو ويو. ڇا ايمان تقرير ۾ چيو هو ته پوليس کان ڏنڊا ڦري وٺو؟ هن ڪنهن کي به نه ڌمڪي ڏني، نه شيشا ٽوڙيا، ايمان مزاري کي 24 ڪلاڪ تحويل ۾ رکيو ويو. وڌيڪ گرفتاري جو جواز نٿو ٺهي. وڪيل وڌيڪ چيو ته ايمان مزاري عورت آهي، سڌو ڳالهائڻ جو مطلب اهو نه آهي ته کيس جيل ۾ رکيو وڃي. ايمان کان جاچ مڪمل ٿي چڪي آهي جنهن کان پوءِ کيس جيل ۾ وڌيڪ رکڻ غلط آهي.پراسيڪيوٽر عاطف الرحمان طرفان ايمان مزاري جي ضمانت واري درخواست جي مخالفت ڪئي وئي. هن چيو ته ايمان مزاري ۽ علي وزير جلسي جي اڳواڻي ڪري رهيا هئا، ايمان مزاري رياست کي گاريون ڏنيون، ڀڃ ڊاهه ڪئي، ايمان مزاري جو ڪردار ڪيس ۾ چٽو نه لکيو ويو آهي.جنهن کان پوءِ عدالت ايمان مزاري جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو جيڪو ڪجهه دير کان پوءِ ٻڌائيندي ان جي 30 هزار روپين جي ضمانتي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي جڏهن ته علي وزير کي 14 ڏينهن جي جوڊيشل ريمانڊ تي اڊيالا جيل اماڻي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو