ايل پي جي سلينڊرن جي خريداري ۽ وڪري تي پابندي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اوگرا غير معياري ايل پي جي سلينڊر جي خريداري ۽ وڪري تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي ۽ نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي.نوٽيفڪيشن موجب ايل پي جي غير مجاز ڊسٽريبيوٽرن کي وڪرو ڪرڻ تي مارڪيٽنگ ڪمپنين خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.غير معياري سلينڊر ۽ ايل پي جي مارڪيٽنگ ڪمپنين ۾ گئس وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.ان حوالي سان سڄي ملڪ جي 313 ايل پي جي مارڪيٽنگ ۽ 19 سلينڊر ٺاهيندڙ ڪمپنين کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.اوگرا غير معياري سلينڊر ۾ ايل پي جي ري فلنگ کي غير قانوني ۽ خطرناڪ قرار ڏئي ڇڏيو.نوٽيفڪيشن موجب ايل پي جي ڪاروبار لاءِ نئون ضابطا اخلاق جوڙيو ويو آهي، صرف بااختيار ڊسٽريبيوٽر ايل پي جي ڪاروبار ڪري سگهندا.ان حوالي سان اوگرا عملدارن جو چوڻ آهي ته غير معياري ايل پي جي سلينڊر ڦاٽڻ جا واقعا تمام گهڻو وڌي ويا آهن، ان حوالي سان سمورا اختيار ڊي سي ۽ اي سي وٽ هوندا.

پهنجو تبصرو موڪليو