ٽيڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ واڌ کان انڪار

ٽيڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ واڌ کان انڪار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) واپارين جي بار بار درخواستن جي باوجود  فيڊرل بورڊ آف روينيو  ايف بي آر  ٽيڪس ريٽرن فائل ڪرڻ جي تاريخ ۾ واڌ ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.ايف بي آر جي ترجمان جو چوڻ آهي ته رات 9 وڳي تائين سڀئي تجارتي بينڪون ٽيڪس ڏيندڙن لاءِ کليل هونديون.ايف بي آر جون سڀئي فيلڊ آفيس پڻ 10 وڳي تائين ٽيڪس ڏيندڙن لاءِ کليل آهن.ترجمان چيو ته ٽيڪس ڏيندڙ رات 12 تائين آن لائن آمدني ٽيڪس به جمع ڪرائي سگهندا آهن.اڄ ٽيڪس ريٽرنز جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ آهي ۽ صرف 13لک  ٽيڪس ريٽرنز جمع ڪرايا ويا آهن ملڪ جي ڪاروباري برادري ۽ ٽيڪس جا ماهر حڪومت کي  درخواست ڪئي ته تاريخ وڌائي وڃي پر ايف بي آر تاريخ وڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.صدر ڪراچي چيمبر شارڪ وهڙا چيئرمين ايف بي آر جي بدران تاريخ ۾ واڌ لاءِ وزيراعظم کي خط لکي چيو آهي ته ڪورونا جي ڪري حالات معمول تي نه آهن ، ڏکئي وقت ۾ عوام دوست فيصلو ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو