ايف بي آر جو ٽيڪس چورن خلاف ملڪ گير آپريشن جو فيصلو

ايف بي آر جو ٽيڪس چورن خلاف ملڪ گير آپريشن جو فيصلو

لاهور(ويب ڊيسڪ) فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ٽيڪس چورن خلاف سڄي ملڪ ۾ آپريشن شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ايف بي آر ذريعن موجب پهرين مرحلي ۾ لاهور ۽ ڪراچي سميت وڏن شهرن جي 11 هزار ماڻهن جي لسٽ تيار ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ صنعتڪار، مل مالڪ، واپاري، پراپرٽي ڊيلرز ۽ ٻيا شامل آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته لسٽ ۾ شامل ماڻهو ڪاروبار جي رفتار سان ٽيڪس نيٽ ۾ شامل نه ٿيا ۽ ٽيڪس چورن خلاف ٺوس ثبوت موجود آهن جڏهن ته ٽيڪس نوٽيس تي هڪ هفتي اندر دستاويز جمع ڪرائڻا پوندا.

پهنجو تبصرو موڪليو