لاهور (ويب ڊيسڪ) ايف آءِ اي شيئرز ۾ مبينه فراڊ ۽ مني لانڊرنگ ڪيسن ۾ جهانگير ترين ۽ سندس پٽ علي ترين خلاف جاچ بعد سندن 36 اڪائونٽ سيز ڪري ڇڏيا آهن. انهن منجمد ڪيل کاتڻ ۾ ڪروڙين روپيا جمع آهن. علي ترين ايف آءِ اي لاهور آڏو جمع تي صبح جو وڪيلن سان گڏ 10 وڳي پيش ٿيو، ايف آءِ اي جهانگير ترين کي به منجهند 3 وڳي گهرايو ۽ سندن بيان قلمبند ڪيا. ايف آءِ اي جهانگير ترين ۽ سندس پٽ .خلاف ڪروڙين رپين جي فراڊ جو ڪيس داخل ڪيو آهي ٻنهي کي لاڳاپيل ڪمني جي شيئرز جو مڪمل رڪارد پيش ڪرڻ لاءِ چيو ويو. ايف آءِ اي ۾ جاچ لاءِ پيشي بعد جهانگير ترين سياسي پاور شو جو مظاهرو ڪندي پارٽي جي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز جي مان ۾ ڊنر جي دعوت ڏني جنهن ۾ پارٽي جي 30 پارليامينٽيرينز شرڪت ڪئي. جن ۾ .8 ايم اين ايز، ٻن پنجاب جي وزيرن، چئن مشيرن سميت 22 جي لڳ ڀڳ ايم پي ايز شرڪت ڪئي










