اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان لاءِ 155 ملين ڊالرز جي فنانسنگ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي اعلان موجب ان رقم سان عورتن لاءِ سڌارن جو پروگرام شروع ٿيندو، عورتن کي مائيڪرو، ٿل ۽ ميڊيم انٽرپرائزز لاءِ قرضن تائين بهتر رسائي هوندي.پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته مالياتي رقم 100 ملين ڊالر پاليسي قرض آهي ۽ پروگرام ۾ 5.5 ملين ڊالر جي گرانٽ شامل آهي، جڏهن ته 50 ملين ڊالر قرض ڏيندڙ ادارن کي ڏنا ويندا.










