ايس پي کي ڇنڊ، ايس ايڇ او کي هٿڪڙيون، ڪيس ملتوي

بدين (رپورٽ مرتضي ميمڻ) لواري شريف ۾ گوپانگ برادري جي گھرن تي ھلان ڪري ھارين جا 32 گھر ڊاھي عورتن مردن کي گرفتار ڪرڻ خلاف داخل سڌي فرياد ۾ بدين جو اڳوڻو ايس ايس پي خالد مصطفي ڪورائي سيشن ڪورٽ بدين ۾ پيش ٿيو سندس مسلسل غير حاضري تي عدالت کيس سخت ڇنڊ پٽي جڏھن ته ايس ايڇ او غلام حسين کوسو کي غير حاضري سبب گرفتار ڪري ھٿڪڙيون ھڻي ويھاري ڇڏيو ۽ معافي وٺڻ تي کيس ڇڏيو ويو ۽ 15 نومبر تي عدالت  ٻيھر پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو لواري واري واقعي جي خلاف ايڊوڪيٽ سجاد احمد چانڊيو وليداد گوپانگ جي فرياد تي بدين پوليس ۽  مخالف گروپ خلاف سيشن ڪورٽ ۾ سڌو ڪيس داخل ڪيو ھو جيڪو 2015 کان ھلندڙ آھي ھن سلسلي ۾ فريادي پورھيت ولي داد گوپانگ ٻڌايو ته پوليس مخالف گروپ جي ونگار وهندي سندن گھر ڊاھي لکين روپين جو نقصان ڪرڻ کانپوء  مٿن چار ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ھئا جيڪي عدالت سڳوري ۾ ثابت نه ٿيڻ تي خارج ڪيا ويا سندن ڪيس داخل نه ٿيڻ سبب ھنن پوليس خلاف عدالت ۾ سڌو فرياد داخل ڪيو آھي جيڪو ھلي رھيو آھي کين اميد آھي ته عدالت کين انصاف ڏيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو