ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ نيوز پيپرز سوسائٽي (ايس اين ايس) پاران هلندڙ 7 ڏينهن تي ٻڌل تربيتي پروگرام سينٽرل آفيس، ٽريڊ ٽاور، عبدالله هارون روڊ، ڪراچي منعقد ڪيو ويو. اجلاس جي صدارت سنڌ نيوز پيپرز سوسائٽي جي صدر شفيق احمد قاضي ڪئي.ملاقات ۾ صحافت جي فروغ ۽ ميڊيا جي مڪمل آزادي سميت صحافتي شعبي ۽ اخباري مالڪن کي درپيش مسئلن ۽ انهن جي حل بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ سيڪريٽري جنرل رضوان شاهه، سيڪريٽري پريس عامر راٺوڙ، ميمبر ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ۽ گورننگ باڊي ديدار سنديلو، مختيار احمد سومرو، شاهد انصاري،ايوب پيرزادو، سيد اقبال حسين، روزاني بجيٽ مان ڪاشف عباسي،نسيم شيخ(روزاني سنڌ امر )،رفاقت تنولي(روزاني برکا)، فهيم اختر(روزاني عوامي جائزو)، نصرالله تنيو(روزاني عڪس سنڌ)، عمران علي (روزاني ارقم)۽ (روزاني عوامي سنڌ)خالد احمد ، سليم پيرزاده ۽ شهروز پڻ شرڪت ڪئي.










