ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ نيوز پيپرز سوسائٽي (ايس اين ايس) جو غيرمعمولي مشاورتي اجلاس سوسائٽي جي آفيس ۾ صدر قاضي شفيق احمد جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ گذريل ڪارڪردگي، مالي مسئلن، هاڻوڪي گڏيل صورتحال ۽ سوسائٽي جي ميمبراخبارن کي فعال ڪرڻ سميت ٻين مسئلن تي غور ڪيو ويو، ان غير معمولي مشاورتي اجلاس ۾ ايندڙ سال جي حڪمت عملي تي به غور ڪيو ويو، اجلاس ۾ ميڊيا کي پيش ايندڙ مسئلن ۽ انهن جي حل تي به غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته حڪومتي سطح تي پيدا ڪيل غير ضروري مسئلن ۽ انهن جي حل لاءِ اعليٰ سطح تي موثر آواز اٿاريو ويندو، سنڌ انفارميشن ۾ اشتهارن جي ورهاست ۽ ٻين معاملن جي حل لاءِ سڌ سماءَ واري وزير ۽ وڏي وزير سان ملاقات ڪرڻ بابت حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو. وفاقي سطح تي اخبارن لاءِ ارادي طور يا غير ارادي طور پيدا ڪيل مسئلن، آڊٽ ۽ رجسٽريشن سميت اشتهارن جي منصفاڻي ورهاست جي نتيجي ۾ ميمبر اخبارن کي پيش ايندڙ مالي مشڪلاتن جي حل لاءِ هر سطح تي ڀرپور آواز اٿارڻ تي به اتفاق ڪيو ويو، اجلاس ۾ پيش ڪيل ايجنڊا جي منظوري به ڏني وئي ۽ اهو فيصلو به ڪيو ويو ته تيزي سان بدلجندڙ حالتن کي نظر ۾ رکندي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ميڊيا سان لاڳاپيل ماڻهن جي لاءِ تربيتي ورڪشاپس ۽ پروگرام منعقد ڪيا ويندا، جنهن سان پيشيوارڻي صحافت کي واڌارو ملندو، اجلاس ۾ مينجمينٽ ڪميٽي، ايگزيڪٽو ڪميٽي ۽ گورننگ باڊي جي عهديدارن سيد رضوان شاهه، ديدار علي سنديلو، مختيار احمد سومرو، ظهير حسين ميراڻي، ايوب پيرزاده، شاهد انصاري، نسيم شيخ، ملڪ اسد، عامر راٺوڙ ۽ سيد اقبال حسين شريڪ ٿيا










