سکر: (ن س) سکر صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته ايران ۾ شهيد ٿيل زائرين جا مڙه ۽ زخمين کي پاڪستان آڻن لاءِ خصوصي اڏام جو بندوبست ڪيو آهي، زخمي کڻي ايندڙ خصوصي اڏام رات 12 وڳي کانپوءِ جيڪب آباد ايئربيس پهچندي. منصوبابندي، ترقي ۽ توانائي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه ايران حادثي ۾ شهيد ٿيل زائرين جي حوالي سان ويڊيو بيان جاري ڪندي چيو آهي ته ايران ۾ زائرين سان افسوسناڪ حادثو پيش آيو آهي جنهن تي اسان کي دلي ڏک پھتو آهي. ان سلسلي ۾ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير جي هدايت تي ايران ۾ پاڪستان جي سفير ۽ ايراني اختيارين سان رابطو پڻ ڪيو ويو. ھن چيو ته وزيراعظم پاڪستان شهباز شريف شهيد زائرين جا مڙهه پاڪستان آڻڻ لاءِ فوري طور خصوصي اڏام جو بندوبست ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا، خصوصي اڏام جي پاڪستان پهچڻ ۾ دير ٿي آهي، خصوصي اڏام جيڪب آباد ايئر بيس تي لينڊ ڪندي. جهاز رات 12 وڳي کانپوءِ شهباز ايئرپورٽ جيڪب آباد پهچندو. ھن چيو ته سنڌ حڪومت وارثن جي سهولت لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن. جيڪب آباد ايئرپورٽ تي ريسڪيو 1122 جون 40 کان وڌيڪ ايمبولينسون موجود آهن. خصوصي اڏام ۾ زخمين کي به آندو پيو وڃي، جنهن لاءِ اسپتالن ۾ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي جڏهن ته سخت زخمين کي ڪراچي منتقل ڪرڻ لاءِ ايئر ايمبولينس به موجود آهي.










