ايران جو اسرائيل تي حملو،مختلف ملڪن طرفان سرحدون بند

تهران (ويب ڊيسڪ)ايران دمشق ۾ ايراني قونصل خاني تي حملي جي جواب ۾ اسرائيل تي 200 ڊرونز ۽ ميزائل فائر ڪيا.پرڏيهي ميڊيا موجب ايران اسرائيل تي سڌي طرح ڊرون حملا ڪيا، جنهن جي ايراني پاسداران انقلاب طرفان به تصديق ڪئي وئي، جڏهن ته اسرائيل ڪيترن ئي ايراني ڊرونز کي ڪيرائڻ جي به دعويٰ ڪئي آهي.ايراني ميڊيا جي رپورٽن موجب ايران اسرائيلي دفاعي سهولتن کي نشانو بڻايو، گولان هائٽس ۽ شام جي ويجهو اسرائيلي فوجي اڏن کي به نشانو بڻايو ويو.ايراني ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته تهران اسرائيل ۾ 50 سيڪڙو هدفن کي نشانو بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، خيبر ميزائل سان اسرائيلي ايئر بيس کي نشانو بڻايو ويو.ٻئي طرف اسرائيلي فوج تصديق ڪئي آهي ته 200 ايراني ڊرون اسرائيلي حدن تائين پهچي ويا آهن ۽ ڪجهه درجن ايراني زمين کان زمين تائين مار ڪندڙ ميزائل اسرائيل کي نشانو بڻايو آهي.اسرائيلي فوج جي ترجمان پڻ تصديق ڪئي ته ايراني ڊرون ڏکڻ اسرائيل ۾ هڪ فوجي اڏي کي نقصان پهچايو ۽ اسرائيل تي ايراني ميزائل حملي ۾ هڪ ڇوڪري زخمي ٿي.اسرائيل اڳ ۾ چيو هو ته درجنين يو اي وي ايران ڇڏي ويا آهن ۽ اسرائيل ڏانهن پنهنجو رستو ٺاهي رهيا آهن.اسرائيلي فوج جي ترجمان موجب ايران پنهنجي سرزمين تان بي پائلٽ جهازن کي اسرائيل جي سرزمين تائين پهچڻ کان روڪيو.ٻئي طرف يمن جي حوثي باغين، لبنان جي حزب الله ۽ فلسطين جي مزاحمتي تنظيم حماس طرفان اسرائيل تي حملن جا اطلاع آهن.
اسرائيل ملٽي ايئر دفاعي نظام لانچ ڪري ڇڏيو
عرب ٽي وي تي ڳالهائيندي اسرائيلي تجزيه نگار روري شالون چيو ته اسرائيل ملٽي ايئر ڊفينس سسٽم لانچ ڪيو آهي، اسرائيل ايراني حملي کان پاڻ کي بچائڻ لاءِ آئرن ڊوم به لانچ ڪيو آهي.ان کان علاوه اسرائيلي هوائي فوج ڊيوڊ سلنک دفاعي نظام ۽ ايرو ٽو ۽ ايرو ٿري پڻ لانچ ڪيو آهي.ان دوران اردن اسرائيل کي ايراني ڊرونز کان بچائڻ لاءِ فضائي دفاعي نظام کي چالو ڪرڻ شروع ڪيو، جڏهن ته قبرص ۾ موجود برطانوي جنگي جهاز وچ اوڀر ڏانهن روانا ٿيا.اسرائيلي ميڊيا موجب ايران جي حملي کانپوءِ اسرائيلي جنگي جهاز غزه مان واپس هليا ويا آهن، غزه جنگ کانپوءِ اهو پهريون موقعو آهي ته اسرائيلي جنگي جهاز غزه ۾ موجود نه آهن.
آمريڪا ۽ اردن اسرائيل طرف ويندڙ ايراني ڊرون کي ڪيرائي ڇڏيو
اسرائيلي چينل 12 دعويٰ ڪئي آهي ته ايران اٽڪل 100 ڊرون ۽ ڪروز ميزائل فائر ڪيا، اسرائيل شام ۽ اردن جي مٿان ڪيترن ئي ايراني ڊرونز کي نشانو بڻائي تباهه ڪري ڇڏيو. اسرائيلي ميڊيا موجب آمريڪي ۽ برطانوي جنگي جهازن عراق ۽ شام جي سرحدي علائقن ۾ ايراني ڊرونز کي به نشانو بڻايو.سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته اردن جي جنگي جهازن اسرائيل طرف اڏامندڙ ايراني ڊرونز کي تباهه ڪري ڇڏيو.ايراني سڪيورٽي ذريعن موجب اردن اسرائيلي سهڪار سان جوابي حملن کي ڏسي رهيو آهي، اردن اسان جو ايندڙ ٽارگيٽ ٿي سگهي ٿو.ان کان علاوه ايراني انقلابي گارڊ آمريڪا کي خبردار ڪيو آهي ته هو اسرائيل جي حمايت نه ڪري ۽ ايران جي مفادن کي نقصان نه پهچائي.
شام، لبنان ۽ عراق پنهنجون هوائي حدون بند ڪري ڇڏيون
اسرائيل تي ايران جي حملي کي نظر ۾ رکندي شام، لبنان ۽ عراق پنهنجي فضائي حدن کي بند ڪري ڇڏيو آهي.عرب ميڊيا موجب اردن جو چوڻ آهي ته هو پنهنجي فضائي حدن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ايراني جهاز کي ڪيرائڻ لاءِ تيار آهي.شامي فوج جي ذريعن موجب شام جي راڄڌاني دمشق سميت اهم اڏن تي هوائي دفاعي نظام کي الرٽ ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته اردن به هنگامي حالت لاڳو ڪري ڇڏي آهي.
اسرائيل پاران ايراني حملي جو سخت جواب ڏيڻ جو اعلان
اسرائيل ايراني حملي جو سخت جواب ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ اسرائيلي سيڪيورٽي ڪابينا جنگي ڪابينا کي ايراني حملي جو جواب ڏيڻ جو اختيار ڏئي ڇڏيو.اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو چيو آهي ته ايراني حملن جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو، اسرائيل ڪنهن به قسم جي حملي جو جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهي.اسرائيلي سيڪيورٽي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ نيتن ياهو آمريڪي صدر جوبائيڊن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪابينا اجلاس جي فيصلن کان آگاهه ڪيو.
گڏيل قومن پاران ايران-اسرائيل ڇڪتاڻ تي ڳڻتي جو اظهار
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ايران ۽ اسرائيل جي ڇڪتاڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.انتونيو گوتريس پارٽين تي زور ڀريو آهي ته هو فوري طور تي جنگبندي ڪن، هن چيو ته فوجي ڪارروائي وچ اوڀر ۾ وڏي تڪرار جو سبب بڻجي سگهي ٿي.اسرائيل ايران جي حملي جي مذمت لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس گهرائڻ جي درخواست ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو