تحران / تل ايب (ويب ڊيسڪ)ايران اسرائيل تي حملو ڪيو ۽ 400 بيلسٽڪ ميزائل شروع ڪيا.ايراني ميڊيا موجب ايران اصفهان، تبريز، خرم آباد، ڪرج ۽ اراڪ مان اسرائيل طرف 400 بيلسٽڪ ميزائل فائر ڪيا، جنهن کانپوءِ والاريل بيت المقدس سميت سڄي اسرائيل ۾ سائرن وڄڻ شروع ٿي ويا.ميزائل حملن کانپوءِ اسرائيلي بنڪرز ۾ پناهه ورتي.اسرائيلي ميڊيا موجب تل ابيب ۽ شارون ۾ راڪيٽ فائر ڪيا ويا ۽ اسرائيلي ايمبولينس سروسز 2 ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي.اسرائيلي ايمبولينس سروسز جو چوڻ آهي ته ميزائل حملن دوران پناهه گاهه ڏانهن وڃڻ جي رش ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا جن کي طبي امداد ڏني وئي.اسرائيلي ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيل جي هوائي حدن کي بند ڪيو ويو آهي ۽ ايئرپورٽن تي موجود سمورن مسافرن کي ٻاهر ڪڍيو ويو آهي. تهران ٽائمز موجب، ايران ميزائل حملن ۾ اسرائيل جي F-35 فائٽر جهازن جي بيس نيواتوم ايئر بيس کي نشانو بڻايو.آمريڪي صدر جو بائيڊن آمريڪي فوج کي حڪم ڏنو ته هو اسرائيل طرف ايندڙ ايراني ميزائل کي ڪيرائي.وائيٽ هائوس موجب آمريڪي صدر جو بائيڊن ايراني حملن جي صورتحال جو جائزو وٺي رهيو آهي ۽ نائب صدر ڪاميلا هيرس به وائيٽ هائوس ۾ ساڻس گڏ آهي.بائڊن آمريڪي فوج کي حڪم ڏنو ته اسرائيل جو دفاع ڪري. اي بي سي نيوز موجب آمريڪا ڪيترن ئي ايراني ميزائلن کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو، پر ڪيرايل ميزائلن جو تعداد واضح ناهي ڪيو.ٻئي طرف پاسداران انقلاب اسرائيل جي حملي کي حماس اڳواڻ اسماعيل هنيه ۽ حزب الله جي سيڪريٽري جنرل حسن نصرالله تي حملي جو بدلو قرار ڏنو آهي. انقلابي گارڊز موجب هوائي فوج اسرائيل جي دل ۾ ڪيترن ئي اهم فوجي ۽ سيڪيورٽي ٺڪاڻن کي ڪيترن ئي بيلسٽڪ ميزائلن سان نشانو بڻايو، جنهن جا تفصيل بعد ۾ جاري ڪيا ويندا. پاسداران انقلاب خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن صهيوني حڪومت قومي ۽ بين الاقوامي قانونن جي مطابق ڪيل آپريشن تي فوجي رد عمل ظاهر ڪيو ته ان کي وڌيڪ سخت ۽ تباهي واري حملن کي منهن ڏيڻو پوندو. اسرائيلي ميڊيا موجب هڪ سينيئر ايراني اهلڪار جو چوڻ آهي ته ايران اسرائيل جي جوابي ڪارروائي لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي.آمريڪي صدر پريس بريفنگ ڏني آهي ته آمريڪا اسرائيل جي دفاع لاءِ تيار آهي ،ايران کي نتيجا ڀوڳڻا پوندا،ايراني حملي تي اسرائيلي وزيراعظم سان ڳالهائيندس،










