ايران-آمريڪا ۽ اسرائيل وچ ۾ جنگ بندي جو آڌرڀاءُ

ايران-آمريڪا ۽ اسرائيل وچ ۾ جنگ بندي جو آڌرڀاءُ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ ايران خلاف آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملن جي خاتمي ۽ جنگ بندي جو آڌرڀاءُ ڪندي زور ڀريو آهي ته ايران خلاف جنگ هميشه لاءِ ختم ڪئي، نقصان جو ازالو ڪيو وڃي ۽ دنيا کي محفوظ ۽ پُرامن بڻائڻ لاءِ عالمي شيطان ٽرمپ جي بدمعاشي کي لغام ڏيڻ لاءِ موثر قدم کنيا وڃن. جنگ بندي کانپوءِ سڄي دنيا ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي آئي آهي، جنهن جو فائدو عوام تائين فوري طور پهچائڻ لاءِ پاڪستان ۾ به 28 مارچ کان پوءِ پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ ڪيل ڳاٽي ٽوڙ اضافو فوري طور تي واپس ورتو وڃي. صوبائي امير پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ وڌيڪ چيو ته آمريڪا ۽ اسرائيل عالمي قانونن جي کليل ڀڃڪڙي ڪندي برادر اسلامي ملڪ ايران مٿان جارحيت ڪئي، ۽ چاليهه ڏينهن واري جنگ دوران آيت الله علي خامنہ اي سميت اعليٰ سول توڙي فوجي قيادت جي شهادت باوجود ايراني عوام ۽ بهادر فوج جهڙي طرح سان ٻن وڏين شيطاني فوجي طاقتن خلاف مزاحمت ڪئي، ان جو مثال جديد جنگي تاريخ ۾ نٿو ملي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ ايراني عوام جي اتحاد دشمن جي صفن ۾ ڏار وجهي ڇڏيا ۽ خود آمريڪي عوام ٽرمپ جي جنونيت خلاف روڊن تي نڪري آيو، جڏهن ته سندس جنگي ڪابينا ۾ به بغاوت ۽ صدارتي عهدي لاءِ کيس نااهل قرار ڏيڻ لاءِ مُهم جي نتيجي ۾ ٽرمپ جنگ بندي تي مجبور ٿيو. چاليهه ڏينهن جي هوائي حملن ۽ ميزائلن جي برسات ۾ ظالم ۽ جارح صهيوني ۽ صليبي قوتن اسڪولن، اسپتالن، يونيورسٽين، پلن ۽ بجلي جي تنصيبات تي جيڪي حملا ڪيا انهن غزه جي ياد تازه ڪري ڇڏي آهي .ڪاشف سعيد شيخ وڌيڪ چيو ته مسلم ملڪن کي هاڻي گهرجي ته خطي ۾ آمريڪي فوجي اڏن جو خاتمو ڪن ۽ پاڻ ۾ اختلاف ختم ڪري ٻاهرين جارح ۽ قابض قوتن خلاف اتحاد ۽ يڪجهتي جو مظاهرو ڪن. جماعت اسلامي هميشه کان هر ظلم ۽ ظالم خلاف آواز اٿاريندي رهي آهي ۽ آئنده به اٿاريندي رهندي. جنگ بندي لاءِ ٽياڪڙي ڪرڻ تي اسلام آباد ۾ جاري ڪوششن کي مثبت قدم سمجهون ٿا.ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پاڪستان جا حڪمران به آمريڪي غلامي ڇڏي ڏين ۽ جنگي ڏوهن ۾ ملوث ڊونلڊ ٽرمپ کي نوبل امن انعام جو حقدار قرار ڏيڻ بدران کيس جارح، جنگي ڏوهاري ۽ انسانيت جو قاتل قرار ڏيڻ لاءِ آواز اٿارين.#

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو