ايئرپورٽ تي ڦاٿل آهيان،حڪومت مدد ڪري، سونل چوهان

ايئرپورٽ تي ڦاٿل آهيان،حڪومت مدد ڪري، سونل چوهان

دبئي (ويب ڊيسڪ) ايران-اسرائيل جنگ جي ڪري هندستاني اداڪارا سونل چوهان دبئي ايئرپورٽ تي ڦاٿل آهي.ايران طرفان دبئي ايئرپورٽ تي ميزائل حملي کان پوءِ سڀئي پروازون بند ڪيون ويون آهن، جنهن ڪري دبئي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن کي سخت پريشاني ٿي رهي آهي. هن صورتحال ۾ بالي ووڊ اداڪارا سونل چوهان دبئي ايئرپورٽ تي ڦاٿل آهي، جنهن هڪ سوشل ميڊيا پوسٽ ذريعي هندستاني حڪومت کان مدد جي اپيل ڪئي. اداڪارا پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو، ‘معزز وزيراعظم مودي جي مان هن وقت دبئي ۾ جاري بحران جي ڪري ڦاٿل آهيان، پروازون رد ڪيون ويون آهن ۽ هندستان واپس وڃڻ جو ڪو واضح رستو ناهي، مان حڪومت کان محفوظ سفر لاءِ هدايت جي درخواست ڪريان ٿي ۽ مدد لاءِ شڪرگذار رهندس.

پهنجو تبصرو موڪليو