او آءِ سي ۽ عرب ليگ جو هنگامي اجلاس: غزه ۾ جنگبندي جو مطالبو

او آءِ سي ۽ عرب ليگ جو هنگامي اجلاس: غزه ۾ جنگبندي جو مطالبو

رياض: (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۾ عرب ۽ اسلامي ملڪن جو گڏيل اجلاس شروع ٿي ويو آهي جنهن ۾ فلسطين جي علائقي غزه ۾ جاري اسرائيلي رياستي دهشتگردي جي خلاف لائحه عمل تي غور ڪيو ويو.غزه جي صورتحال تي اسلامي تعاون تنظيم(او آءِ سي) ۽ عرب ليگ جو گڏيل هنگامي اجلاس سعودي عرب جي گادي واري شهر رياض ۾ جاري آهي. اجلاس ۾ غزه ۾ فوري جنگبندي جو مطالبو ڪيو ويو آهي.نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ به اجلاس ۾ شريڪ آهي. وزيراعظم سربراهي اجلاس کي خطاب به ڪندو. وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ رياض ۾ فلسطيني صدر محمود عباس سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي هن فلسطيني عوام سان پاڪستان جي حمايت جو پڻ اظهار ڪيو.ايران جو صدر ابراهيم رئيسي به اجلاس ۾ شريڪ آهي. مارچ ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن جي بحالي تي اتفاق کان پوءِ اهو ايراني صدر جو پهريون سعودي عرب جو دورو آهي. ان موقعي تي ابراهيم رئيسي کي فلسطين جو روايتي اسڪارف ڪيفيه به پاتل هو. سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان پنهنجي افتتاحي خطاب ۾ چيو ته اسان غزه ۾ جاري جنگ کي رد ڪريون ٿا. اسان يرغمالين جي آزادي جو مطالبو ڪريون ٿا. غزه جو محاصرو ختم ۽ انساني امداد جي اجازت ڏني وڃي.اجلاس کي خطاب ڪندي سيڪريٽري جنرل او آءِ سي حسين ابراهيم الله چيو ته معصوم فلسطينين جو قتل عام بند ڪيو وڃي. غزه ۾ فوري جنگبندي ڪئي وڃي. اسرائيلي فوج غزه جو گهيراءُ فوري طور تي ختم ڪري.فلسطين جي صدر محمود عباس اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته فلسطيني عوام اسرائيل جي بدترين جارحيت کي بهادري سان منهن ڏئي رهي آهي. اسرائيلي وحشياڻي بمباري سبب هزارين فلسطيني شهيد ۽ زخمي ٿي چڪا آهن.محمود عباس چيو ته اسرائيل کي پنهنجي فوجي طاقت تي غرور آهي ته هو اسان کي ختم ڪري ڇڏيندو. اسرائيل غزه ۾ فلسطينين جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي. منهنجو دل هزارين معصوم ٻارن جي قتل تي ڏکويل آهي. اسرائيلي فرسز کي جنگي ڏوهن جي عالمي عدالت ۾ آندو وڃي. هن چيو ته مون کي عالمي برادري جي بيحسي تي تمام گهڻو ڏک پهتو آهي. آمريڪا سميت عالمي برادري کي خطي ۾ امن جي قيام لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.اردن جي شاهه عبدالله عرب او آءِ سي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته اسرائيل فلسطينين تي گذريل 70 سالن کان ظلم ڪري رهيو آهي. اسرائيلي فوج غزه جي اسڪولن، اسپتال ۽ شهري آبادين کي نشانو بنائي رهيو آهي. شاهه عبدالله چيو ته اردن ڏک جي هن گهڙي ۾ پنهنجي فلسطيني ڀائرن جي امداد ۽ مڪمل حمايت جاري رکندو.اجلاس کي خطاب ڪندي مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي چيو ته اسرائيل طرفان غزه تي جاري بمباي کي فوري طور تي بند ٿيڻ گهرجي. عالمي برادري کي مسئلي جي حل لاءِ سياسي ۽ سفارتي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. مصري چيو ته غزه جي عوام لاءِ امداد جي فراهمي کي فوري طور تي بحال ڪيو وڃي. اسرائيل جي طرفان غزه ۾ جاري بمباري فوري طور تي بند ٿيڻ گهرجي. مصر امن امان جي قيام لاءِ سمورين ڪوششن جي حمايت ڪري ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو