اسلام آباد (بيورو رپورٽ ) اوچ شريف جي نوجوان محمد عمران نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته اوچ شريف ۾ مافيا ايراني تيل جي اسمگلنگ ۾ ملوث آهي، ايراني تيل جي اسمگلنگ ۾ مافيا ملوث آهي، گيس چوري ڪري ٿي. منشيات مافيا جي سربراهه جو نالو ملڪ بشير اعواڻ ۽ هڪ جو نالو ملڪ رشيد اعواڻ آهي، ٻنهي جوابدارن خلاف منشيات جون ڪيتريون ايف آءِ آرز داخل آهن.سکر ۾ هڪ هفتو اڳ CO2 ملائڻ دوران سلينڊر ڦاٽڻ سبب 4 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا، 2022 ۾ به سندن گودام ۾ CO2 جو باوزر ڌماڪو ٿيو هو، هن مافيا جا اثاثا 500 ڪروڙ کان وڌيڪ آهن، هي مافيا قومي خزاني کي هر سال ڪروڙين رپين جو نقصان پهچائي رهي آهي. مان حڪومت ۽ ادارن کي اپيل ڪريان ٿو ته مافيا خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ميڊيا کي پنهنجو قومي فرض سمجهان ٿو ته مافيا منهنجي جان جي دشمن بڻجي وئي آهي، اهي منهنجي مدد ڪن.










