اوپن ۽ انٽر بئنڪ ۾ ڊالر مهانگو،اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ مثبت شروعات

اوپن ۽ انٽر بئنڪ ۾ ڊالر مهانگو،اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ مثبت شروعات

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)هڪ مهيني کان وڌيڪ مهانگائي کانپوءِ آمريڪي ڊالر ٻيهر مهانگو ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي.اڄ اوپن مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر 3 رپيا ۽ انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ 1 رپيا 47 پئسا مهانگو ٿي ويو.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر هڪ رپيو 47 پئسا مهانگو ٿيڻ بعد 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي ڊالر 277.03 پئسا تي هو.ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 3 رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 280 رپيا مهانگو ٿي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 277 رپين جو ٿي ويو. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ مثبت رجحان ڏٺو پيو وڃي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 101 پوائنٽن جي واڌ سان 49 هزار 632 ٿي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي 100 انڊيڪس 49 هزار 531 پوائنٽس تي بند ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو