ان ترميم جي حمايت نه ڪبي جنھن سان عوامي مفادن کي نقصان ٿي

ان ترميم جي حمايت نه ڪبي جنھن سان عوامي مفادن کي نقصان ٿي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) بلدياتي، هائوسنگ ۽ ٽائون پلاننگ جو وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي اهڙي ڪنهن به ترميم جي حمايت نه ڪندي، جنهن سان صوبن جي اختيارن يا عوامي مفادن کي نقصان پهچي. هن اها ڳالهه خميس جي ڏينهن ايڪسپو سينٽر ڪراچي ۾ ٿيندڙ پاڪستان ميرٽائيم ايڪسپو ۽ ڪانفرنس جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي. ان موقعي تي بلوچستان جو صوبائي وزير علي حسن زرداري به موجود هو. ناصر شاهه چيو ته “اسان وٽ سياسي هٿيار آهي — مفاهمت ۽ محبت جو هٿيار — جنهن کي انهن ماڻهن خلاف استعمال ڪنداسين، جيڪي 18هين ترميم ختم ڪرڻ جون ڳالهيون ڪن ٿا.” ناصر شاهه نمائش دوران مختلف اسٽالن جو معائنو ڪيو. هن چيو ته بين الاقوامي ميرٽائيم نمائش جو انعقاد خوش آئند عمل آهي. پايمڪ نمائش ۾ 45 ملڪن کان وڌيڪ وفدن شرڪت ڪئي آهي، ۽ 270 ملين ڊالرن جي مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون آهن. هن ٻڌايو ته نمائش جي انتظام ۾ پاڪستان نيوي سان گڏ سندھ حڪومت به خاص ڪردار ادا ڪيو آهي. ناصر شاهه وڌيڪ چيو ته صنعتن جي ترقي لاءِ توانائي تمام ضروري آهي، ان لاءِ صوبي ۾ سستي بجلي جي فراهمي خاطر سولر پارڪ ٺاهي رهيا آهيون. چئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي ڌابيجي ۾ ڏهه سالن لاءِ ٽيڪس فري اڪنامڪ زون قائم ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ملڪي ۽ غير ملڪي سيڙپڪار وڏي دلچسپي ڏيکاري رهيا آهن. ناصر شاهه چيو ته اهڙيون نمائشون ايڪسپورٽ ۾ اضافو ڪنديون آهن، ملڪ ۾ زرمبادله ايندو آهي، جنهن سان معاشي سڌارو ايندو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو