لنڊن (ويب ڊيسڪ)انگلش ڪرڪيٽر معين علي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.معين علي پهريان ئي ٽيسٽ ڪرڪيٽ تان رٽائر ٿي چڪو آهي ۽ هاڻ هن سمورن فارميٽ جي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، معين علي کي آسٽريليا خلاف وائيٽ بال سيريز لاءِ غور نه ڪيو ويو آهي.معين علي برطانوي ميگزين سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو.هن چيو آهي ته مان 37 سالن جو آهيان، آسٽريليا خلاف سيريز لاءِ نه چونڊيو ويو آهيان، انگلينڊ لاءِ تمام گهڻي ڪرڪيٽ کيڏي چڪو آهيان، هاڻ وقت اچي ويو آهي ته نئين نسل جو مون کي ٻڌايو وڃي.معين علي جو چوڻ آهي ته مان محسوس ڪري رهيو آهيان ته اهو صحيح وقت آهي، مون پنهنجي حصي جو ڪم ڪيو آهي، جيتوڻيڪ مان رٽائر ٿي رهيو آهيان، مون کي اهو محسوس نٿو ٿئي ته مان گهڻو سٺو ناهيان.انگلش ڪرڪيٽر چيو ته مان اڃا به کيڏي سگهان ٿو پر منهنجو خيال آهي ته ٽيم کي ڪنهن ٻئي دائري ۾ وڃڻو آهي، مون کي انگلينڊ لاءِ کيڏڻ تي هميشه فخر رهيو آهي.










