انڊونيشيا جي صدر جي چيف آف ڊفينس فورسز سان ملاقات

انڊونيشيا جي صدر جي چيف آف ڊفينس فورسز سان ملاقات

راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) آءِ ايس پي آر موجب انڊونيشيا جي صدر پرابيوسوبيانتو جي آرمي چيف، چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان ملاقات ٿي.آءِ ايس پي آر موجب ملاقات اسلام آباد ۾ ٿي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ علاقائي سلامتي تي ڳالهيون ڪيون ويون. آءِ ايس پي آر موجب ملاقات ۾ پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي وچ ۾ دفاعي تعاون وڌائڻ جو ارادو پڻ ظاهر ڪيو ويو.آءِ ايس پي آر موجب ٻنهي ملڪن جي فوج جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. انڊونيشين صدر پاڪستان جي هٿياربند فوج کي پيشوارانه مهارت جي تعريف ڪئي، علاقائي امن ۽ استحڪام ۾ پاڪستان جي ڪردار جو اعتراف پڻ ڪيو.انهي موقعي تي آرمي چيف، چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو ته پاڪستان انڊونيشيا سان دفاعي تعاون، تربيت ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ تعاون جو خواهشمند آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو