ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)انٽر بئنڪ ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات تي ڊالر 12 پئسا سستو ٿي ويو آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 12 پئسا سستو ٿيڻ بعد 281 رپيا 10 پئسا ٿي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 281 رپيا 22 پيسا تي هو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات ۾ مثبت رجحان ظاهر ٿي رهيو آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 315 پوائنٽن جي واڌ سان 64 هزار 486 تي پهچي ويو.ڪالهه انڊيڪس 64 هزار 170 پوائنٽس تي بند ٿيو.










