ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)انٽر بئنڪ ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات تي ڊالر 2 پئسا مهانگو ٿي ويو آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر مهانگو ٿيڻ بعد 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 48 پئسا تي هو.ٻئي طرف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات ۾ ملا جلا رجحان ڏيکاريو ويو جيڪو بعد ۾ مثبت ۾ تبديل ٿي ويو. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 215 پوائنٽن جي واڌ سان 72 هزار 187 تي پهچي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انڊيڪس 71 هزار 971 پوائنٽس تي بند ٿيو.










