انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 277 رپيا 70 پئسا ٿي ويو

انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 277 رپيا 70 پئسا ٿي ويو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن اڄ انٽر بئنڪ ۾ آمريڪي ڊالر 6 پئسا مهانگو ٿي ويو آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 277 رپيا 70 پئسا ٿي ويو.گذريل ڪاروباري هفتي جي آخر ۾ انٽربينڪ ۾ ڊالر جي قيمت 277 رپيا 64 پيسا تي هئي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ صبح کان مثبت ڪاروباري رجحان ڏٺو پيو وڃي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 281 پوائنٽن جي واڌ سان 85 هزار 764 تي پهچي ويو.ڪاروبار دوران انڊيڪس 86 هزار 105 پوائنٽس جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو.گذريل ڪاروباري هفتي جي آخر ۾ انڊيڪس 85,483 پوائنٽس تي بند ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو