ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)انٽر بئنڪ ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات تي آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ ڪجهه پئسن جي گهٽتائي ٿي آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 16 پئسا سستو ٿي 282 رپيا 85 پئسا ٿي ويو.ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 283 رپيا 01 پئسا تي بند ٿيو.ان دوران پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار جي شروعات مثبت هئي جيڪا بعد ۾ منفي ٿي وئي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 129 پوائنٽن جي گهٽتائي سان 62 هزار 703 تي بند ٿي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي 100 انڊيڪس 62 هزار 833 پوائنٽس تي هو.










