انٽر بئنڪ: ڊالر 284 رپيا 85 پئسا ٿي ويو

انٽر بئنڪ: ڊالر 284 رپيا 85 پئسا ٿي ويو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ملڪ ۾ آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر لاٿ جو سفر جاري آهي.انٽر بئنڪ ايڪسچينج ۾ ڊالر جي قيمت 28 پئسا گهٽتائي سان 284 رپيا 85 پئسا ٿي وئي.ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 285 رپيا 13 پئسا تي بند ٿيو. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ مثبت ڪاروباري رجحان ڏٺو پيو وڃي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس 544 پوائنٽس جي واڌ سان 58 هزار 743 تي پهچي ويو آهي.اڄ، 100 انڊيڪس 58,871 جي سڀني وقت جي اعلي سطح تي پهچي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي 100 انڊيڪس 58 هزار 198 پوائنٽس تي بند ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو