ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اڄ ڪاروباري هفتي جي شروعات تي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي قدر ۾ وڌيڪ گهٽتائي ٿي آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 88 پئسا سستو ٿيڻ بعد 80 پئسا 281 رپيا ٿي ويو.گذريل ڪاروباري هفتي جي پڄاڻي تي انٽر بئنڪ ۾ آمريڪي ڊالر 282 رپيا 68 پئسا مهانگو هو.واضح رهي ته آمريڪا ۾ اڄ ڪولمبس ڊي جي موڪل آهي، جنهن سبب انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جا سودا سڀاڻي (اڱاري) تي طئي ٿيندا.اي ڪيپ موجب اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت 281 رپيا 50 پيسا تي رهي. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج نئين ڪاروباري هفتي جي شروعات مخلوط رجحان سان ڪئي جيڪا بعد ۾ مثبت رجحان ۾ تبديل ٿي وئي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 147 پوائنٽن جي واڌ سان 47 هزار 640 تي پهچي ويو.گذريل ڪاروباري هفتي جي آخر ۾ 100 انڊيڪس 47,493 پوائنٽس تي بند ٿيو.










