انٽرنيٽ ڪيبل جي خرابي مڪمل طور تي حل نه ٿي سگهي: سيڪريٽري

انٽرنيٽ ڪيبل جي خرابي مڪمل طور تي حل نه ٿي سگهي: سيڪريٽري

اسلام آباد)بيورو رپورٽ) سيڪريٽري انفارميشن ٽيڪنالاجي تسليم ڪيو آهي ته انٽرنيٽ ڪيبل ۾ خرابي اڃا تائين مڪمل طور تي ختم نه ٿي آهي.قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي آن انفارميشن ٽيڪنالاجي اينڊ ٽيليڪام جي اجلاس ۾ سيڪريٽري آئي ٽي چيو ته انٽرنيٽ ڪيبل ۾ خرابي اڃا تائين مڪمل طور تي ختم نه ٿي آهي، ڪنسورشيم پاران ڪم جاري آهي، پاڪستان جي انٽرنيٽ ٽرئفڪ کي متبادل رستن ڏانهن موڙيو ويو آهي.بعد ۾ ڪميٽي ايندڙ اجلاس ۾ پي ٽي اي اختيارين کي ملڪ ۾ موبائل سگنلن جي خراب صورتحال تي طلب ڪيو.اجلاس ۾ اسلام آباد آئي ٽي پارڪ منصوبي تي تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني وئي، جڏهن ته اجلاس دوران، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر چيو ته منصوبي تي 80 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي.وفاقي وزير آئي ٽي شازا فاطمه چيو ته هي منصوبو ڪورين ڪمپني جي تعاون سان مڪمل ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته منصوبي ۾ دير جي ڪري وزيراعظم انڪوائري جو حڪم ڏنو آهي.شازا فاطمه چيو ته اسپيڪٽرم جي کوٽ ۽ قانوني تڪرارن جي ڪري نيٽ ورڪ جا مسئلا درپيش آهن. ملڪ هن وقت 274 ميگا هرٽز اسپيڪٽرم تي ڪم ڪري رهيو آهي، جيڪو ڪافي ناهي، ۽ حڪومت ايندڙ ڊسمبر يا جنوري تائين اسپيڪٽرم جي نيلامي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو