انٽرنيٽ جي رفتار جو مسئلو 3 مهينن ۾ حل ٿيڻ جو امڪان

انٽرنيٽ جي رفتار جو مسئلو 3 مهينن ۾ حل ٿيڻ جو امڪان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان سافٽ ويئر هائوسز ايسوسيئيشن (پاشا) جي چيئرمين سجاد مصطفيٰ جو چوڻ آهي ته انٽرنيٽ جي رفتار جو مسئلو 3 مهينن ۾ حل ٿيڻ جو امڪان آهي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته واٽس ايپ تي تصوير نه پر پيغام هلي رهيو آهي ته ممڪن آهي مانيٽرنگ ڪئي پئي وڃي،پاڪستان سافٽ ويئر ايڪسپورٽ بورڊ انٽرنيٽ اسپيڊ سبب آئي ٽي ڪمپنين جي پاڪستان ڇڏڻ واري ڳالهه کي رد ڪري ڇڏيو. سجاد سيد جو چوڻ آهي ته هڪ به جي آءِ ٽي ڪمپني پاڪستان نه وئي آهي، آمريڪا ۾ غلط مواد شيئر ڪرڻ تي سڪيورٽي اهلڪار 10 منٽن ۾ گهر ايندا آهن.هن چيو ته مانيٽرنگ يا فائر وال جي انسٽاليشن هر ملڪ ۾ ڪئي ويندي آهي، ٿي سگهي ٿو ته طريقيڪار ۾ ڪا کوٽ هجي، فلڪس لائن انٽرنيٽ جو مسئلو ناهي، فل ٽائيم آءِ ٽي ورڪرز جو مسئلو ناهي.سجاد سيد جو اهو به چوڻ آهي ته پارٽ ٽائيم آءِ ٽي ورڪرز کي فڪس لائن نه هجڻ سبب مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو