لنڊن (پ ر): لنڊن جي فضائن ۾ سنڌي ثقافت ۽ اتحاد جو رنگ ان وقت نمايان ٿيو، جڏهن سنڌي ايسوسيئيشن آف يورپ پاران عالمي سنڌي نمائندن ۽ سانا انٽرنيشنل ڊائيسپورا ڪانفرنس جي مندوبين جي اعزاز ۾ هڪ پُروقار عشائيه ڏنو ويو۔ هن تقريب جو بنيادي مقصد عالمي سطح تي سنڌي برادري جي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ، ثقافتي ورثي جي تحفظ ۽ نوجوان نسل جي ترقي لاءِ گڏيل لائحه عمل تيار ڪرڻ هو۔هن بين الاقوامي اجتماع ۾ سنڌ جي ممتاز سياسي ۽ سماجي شخصيت اياز لطيف پليجو، سانا (SANA) جي جنرل سيڪريٽري اسد شيخ، نائب صدر اصغر پٺاڻ، پاڪستان ايڪسيلينس ڪلب جي چيئرمين حميد ڀٽو ۽ سينيٽر ڊاڪٽر قيوم سومرو خصوصي طور شرڪت ڪئي۔ انهن سان گڏ آمريڪا ۽ ڪينيڊا مان آيل سانا جي مرڪزي اڳواڻن رئوف شيخ، آڪاش ڪي راماني، ڊاڪٽر ذوالفقار خواجه، علي حسن ڀٽو، اسحاق تنیو ۽ شاهده شيخ پڻ شريڪ هئا، جن تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا۔تقريب کي خطاب ڪندي مقررن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته موجوده دور جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌي نوجوانن ۾ “اسڪل ڊولپمينٽ” (هنرمندي) پيدا ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي۔ انهن چيو ته عالمي سطح تي سنڌين جي ڪاميابين جو تسلسل تڏهن ئي برقرار رهي سگهي ٿو، جڏهن اسين متحد ٿي پنهنجي سڃاڻپ ۽ ٻولي کي ايندڙ نسل تائين منتقل ڪريون۔تقريب جي ميزبانن روهت ڪمار (صدر، سنڌي ايسوسيئيشن آف يورپ)، مجيب جم ڀٽو، ڊاڪٽر علي رضا ميرجت، ۽ ڊاڪٽر قادر سرڪي سڀني مهمانن جو والهه ڀريو استقبال ڪيو ۽ يورپ ۾ رهندڙ سنڌي برادري جي سرگرمين بابت بريفنگ ڏني،عشائيه ۾ دنيا ڀر مان 100 کان وڌيڪ مندوبين شرڪت ڪئي، جن ۾جاپان مان ايوب مهر،عمان مان،ڊاڪٽر دليپ،آمريڪا (هيوسٽن) مان محمود ڏاهري، ڊاڪٽر گل بلڙي، ڊاڪٽر گل سومرو ۽ منور رند شامل هئا۔تقريب دوران عالمي سنڌي تنظيمن جي وچ ۾ باهمي تعاون وڌائڻ لاءِ هيٺين نڪتن تي اتفاق ڪيو ويو
فلاح ۽ بهبود: پرڏيهه ۾ رهندڙ سنڌين جي ترقي ۽ مدد لاءِ موثر نيٽ ورڪ جو قيام۔
ثقافتي فروغ: سنڌي ٻولي ۽ روايتن کي بين الاقوامي سطح تي اجاگر ڪرڻ۔
تنظيمي مضبوطي: مختلف ملڪن ۾ ڪم ڪندڙ سنڌي تنظيمن کي هڪ پليٽ فارم تي آڻڻ۔
شرڪت ڪندڙن شاندار ميزباني تي سنڌي ايسوسيئيشن آف يورپ جو شڪريو ادا ڪندي هن تقريب کي عالمي سنڌي برادري لاءِ هڪ نئين رخ جو تعين قرار ڏنو۔ هن موقعي تي مختلف ملڪن مان آيل ٻين شخصيتن ۾ مجيب الرحمٰن چنا، فياض احمد نندواڻي، ڊاڪٽر نوشيروان گل سومرو ۽ ٻيا پڻ شامل هئا۔
ايئرپورٽن تي اميگريشن سسٽم 1 ڪلاڪ بند رهڻ بعد بحال
ڄامشورو، مسافر بس حادثي جو شڪار، 1 ڄڻو فوت، 9 ڄڻا زخمي
ڪراچي ۾ ٽرالر جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار فوت، عورت زخمي
چونڊن ۾ فراڊ تي سزا ڏياريندڙ کي 10 لک ڊالر انعام ڏيندس: ٽرمپ
پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ، نوان اگهه لاڳو
وزيراعظم ۽ جماعت اسلامي جي امير ۾ ملاقات طئي
اسرائيل ۾ ٿيندڙ چونڊون ۽ عالمي معيشت تي اثر
حڪومت 2 کرب 35 ارب جي ٽيڪس ڇوٽ تي نظر ثاني ڪري، فاروقي
ايران جي صدر جو علائقائي اتحاد ۽ گڏيل حڪمت عملي تي زور
چين جو سامونڊي تحقيق لاءِ ترندڙ پليٽ فارم ٺاهڻ جو اعلان
لياري جي مرزا آدم خان روڊ جي بحاليءَ جو ڪم تيزيءَ سان جاري
اسٽيٽ بئنڪ پاران وياج جي شرح ۾ واڌ، نئين شرح 12 سيڪڙو مقرر
قبو سعيد خان،عورت جو گوليون لڳل لاش هٿ
ليوي ختم نه ٿي ته اسلام آباد طرف لانگ مارچ ٿيندو: حافظ
سنڌ ۾ سرنهن، تر ۽ ڪينولا جي پوک ۾ واڌ خوش آئند آهي
غير سياسي جنرل عبدالوحيد ڪاڪڙ لاڏاڻو ڪري ويو
ڀارتي سيڪيورٽي فورسز هٿان سجاول واسي 4 مهاڻا گرفتار
سون ۽ چاندي جي قيمتن ۾ اضافو
ٽرمپ کي ڌچڪو، برازيل ۾ لولا چوٿون ڀيرو صدر چونڊجي ويو
گمبٽ: شادي جي تقريب ۾ فائرنگ، نينگر فوت










