انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي انتظاميه خلاف جاچ جو مطالبو

انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي انتظاميه خلاف جاچ جو مطالبو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي جي انتظاميه خلاف جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ صدر، چيئرمين ايڇ اي سي سي ۽ وفاقي تعليم واري وزارت کي خط لکي ڇڏيو آهي. خط جي ڪاپي چيف جسٽس شريعت ڪورٽ ۽ يونيورسٽي انتظاميه ڏينهن به اماڻي ڇڏي آهي. چيف جسٽس وائيس پريزيڊنٽ نبي بخش جماڻي جي مقرري تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي.جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خط ۾ چيو آهي ته انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي بدانتظامي سبب عالمي معيار وڃائي چڪي آهي. سالن کان جاري بدانتظامي سبب يونيورسٽي ۾ اسلامي اقدار به ختم ٿي چڪا آهن. منهنجي درخواست تي 3 سالن کان پوءِ صدر عارف علوي 30 نومبر تي بورڊ ميمبرز جو اجلاس گهرائڻ جو چيو.چيف جسٽس خط ۾ چيو آهي ته وائيس پريزيڊنٽ نبي بخش جماڻي منهنجي 2 خطن جو جواب به نه ڏنو آهي. 22 سيپٽمبر ۽ 13 آڪٽوبر تي يونيورسٽي انتظاميه بابت خطن جو اڃان تائين جواب نه ڏنو ويو آهي. خطن جو جواب نه ڏيڻ ان ڳالهه جي گواهي آهي ته وائيس پريزيڊنٽ غلط ڪمن تي پردو وجهڻ چاهي ٿو.خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته نبي بخش جماڻي جي مقرري 3 سالن لاءِ هئي پر هو اڃان تائين عهدي تي ويٺل آهي. بورڊ آف ٽرسٽيز جو اجلاس گهرائي يونيورسٽي جي انتظامي معاملن جو جائزو ورتو وڃي. اجلاس ۾ وائيس پريزيڊنٽ جي مقرري ۽ منهنجي خطن کي به سامهون رکيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو